ارتقاء بين الاقوامي (مترجم؛ آغا عامر خان) ڊارونيت ۽ دجال ( عيسٰي مخالف) جي عظيم فريب کي عقلي جنگ سان هرايو ويو آهي

ڊارونيت خطرو ڇو آهي؟


Charles Darwin

ڊارونيت خدا جو نه مڃڻ وارو ۽ مخالفِ دين عقيدو آهي جيڪو صرف اتفاق کي سب ڪجھ سمجھندو آهي.

ڊارونيت دنيا ۾ سڀ کان وڏو سائنسي فريب آهي.

ارتقاء جي حوالي سان جيڪا به دعٰوي ڊارونيت کي مڃڻ وارا ڪندا آهن سب غلط آهي.

ارتقاء جي نظرئي ۽ سائنس جو پاڻ ۾ ڪوئي تعلق نه آهي.

ڊارونيت جو نظريو هڪ من گھڙت ۽ ڪوڙو عقيدو آهي جيڪو انسانن کي الله جي دين کان پري ڪرڻ لاءِ بڻايو ويو آهي (يقينن الله جي رحمت مسلمانن سان گڏ آ). هي نظريو آخري وقت ۾ دجال ( عيسٰي مخالف) جو وڏي ۾ وڏو هٿيار آهي.جيئن ته هي سماج ان حقيقت کان بيخبر رهيو آهي، هن نظرئي انهن کي لادينيت، جنگ، جبر ۽ تڪليفن طرف ڌڪي ڇڏيو. ڊارونيت سڀني بي دين رجحانن جيئن الحاد، ڪميونزم، ۽ ماده پرستي جو بنيادي ذريعو رهيو آهي. ڊارونيت سڀ جنگين، دهشت گردي، خون ريزي، نسل ڪشي، وحشت ۽ تباهي جي منظرنامن جو بنياد آهي جن دنيا کي هن حال تائين پهچايو آهي. ڊارونزم دجال جو سڀ کان چالاڪ ۽ سڀ کان گھمراه ڪن طريقو آهي.

ڊارونيت کي مڃڻ وارن جي غير معقول عقيدي جي مطابق انسان صرف هڪ جانور آهي. ان لاءِ انهن جي خيال ۾انسانن جو قدر به ان مطابق ڪرڻ گھرجي. ڊارون جو بنيادي تاثر هن طرح بيان ڪري سگھجي ٿو “انسان هڪ وڙهندڙ جانور آهي.” ان جو تنيجو هڪ اهڙو نظريو بڻيو جنهن جو بنياد انسانن جي وچ ۾ “survival of the fittest” جو اصول آهي. اهي جن ماڻهن ڊارون جي زير غور نظرئي کي اپنائي ڇڏيو هو دنيا ۾ خوني تحريڪن جھڙوڪ ڪميونزم ۽ فيسزم جي وجود ۾ اچڻ جا ذميدار آهن. ٻي جنگ عظيم ۾، جيڪا ڊارون جي نظرئي جي زيز اثر شروع ٿي هئي، فاشسٽ ۽ نازي تحريڪن جي ذريعي 250 ملين کان به وڌيڪ ماڻهن کي ماريو ويو. ڪميونزم جي نتيجي ۾ سياسي جبر جي ڪري هڪ ارب کان وڌيڪ انسانن پنهنجي جان وڃائي ۽ دهشت گردي جي ڪري بيشمار تعداد ۾ قتل ٿيا، اهي ٻئي پڻ ڊارون جي نظرئي جي ڪري وجود ۾ آيون هيون.

ڪنهن به رعايت کان بغير، سڀ سماجي تنازعات، جنگون. دهشت گردي جيڪا اڄ دنيا ۾ موجود آهن ڊارونزم جي ڪري وجود ۾ آيا. ان ڪري، ارتقاء جو نظريو دجال جي آخري وقت ۾، جنهن ۾ اسين رهي رهيا آهيون، بدترين بد عملي جي رهنمائي ڪري ٿو. الله تعالي تي ايمان جو پوري دنيا ۾ ڦهلجي وڃڻ ۽ هن ظلم ۽ ناخوشي جي ختم ٿيڻ جو واحد رستو بي دين عقيدي ڊارونزم جو ختم ٿيڻ آهي. هن بي دين عقيدي جون جڙون هڪ عظيم فريب ۾ آهن. ان لاءِ هن غير منطقي نظرئي کي سائنس جي ذريعي رد ڪرڻ ڏاڍو آسان آهي. ايڪويهين صدي اهو دور آهي جنهن ۾ هن نظرئي جي غير منطقيت ۽ ڪوڙ کي پوري طريقي سان بي نقاب ڪيو ويو آهي. يقينن، جيئن ته هن ويب سائيٽ تي ڏنل معلومات مان ڏسي سگھجي ٿو ته، جيئن ئي ارتقاء جو فريب بي نقاب ٿيندو ڊارون جو هي هٿرادو عقيدو جنهن دنيا کي دوکي ۾ رکيو آهي ۽ ان کي بدحالي تائين پهنچايو آهي بلڪل ختم ٿي ويندو.

ارتقاء پرستن جو ڪوڙو خدا “اتفاق” آهي

ڊارونيت کي مڃڻ وارن جي مطابق زندگي جو هن زمين تي غير معامولي طور تي مختلف قسمن جو هجڻ صرف “اتفاق” جي ڪري آهي. اهو چوڻ کان بچڻ لاءِ ته ”الله انهن کي پيدا ڪيو آهي“ ارتقاء پرستن اتفاق کي ئي پنهنجو خدا بڻائي ڇڏيو آهي ۽ اهو دعٰوي ڪندا آهن ته بيخبر ۽ ناقابل يقين واقعن هن شاندار ۽ حيران ڪندڙ پيچيدگي واري نظام جو بنياد رکيو. ڊارونزم کي مڃڻ وارن هن مذاق جوڳي ۽ سطحي نظرئي ذريعي ماڻهن کي دوکي ۾ رکڻ ممڪن بڻائي ڇڏيو. جنهن طريقي سان پروفيسرز يونيورسٽيز ۾ ليڪچر ڏين ٿا ۽ سائنسدان ۽ اساتذه، جن پڙهيو آهي ۽ تحقيق ڪئي آهي، انهن بي ترتيب واقعن کي پيش ڪن ٿا جهڙوڪ انهن واقعن کي تخليقي عقلمندي هجي ۽ اهي سوچڻ ۽ سمجھڻ جي قابل هجن ۽ ڄڻ ته اهي ئي آهن جن اهڙي غير معمولي نظام کي پيدا ڪيو هجي. (معاذ الله)

Evolutionists' False God is Chance


In the wake of Mr. Oktar’s global exposure of the illogicality and nonsensicality of the idea of chance, Darwinists have recently been reluctant to use the word “chance” directly.

اتفاق ارتقاء پرستن جو ڪوڙو خدا آهي، جنهن کي سمجھيو ويندو آهي ته ان هي دنيا پيدا ڪئي ۽ معجزا ڪندو آهي. ڊارون جي سرسري نظرئي جي مطابق وقت ۽ اتفاق عجيب طريقي سان هر شئي ۾ زندگي وجھڻ جي صلاحيت رکن ٿا. هي غير منطقي نظريو اهو ٻڌائي ٿو ته اتفاق اهوڪري سگھي ٿو جيڪو انسان به نه ٿو ڪري سگھي ۽ هڪ طرح سان سائنسدانن ۽ انهن جي ليبارٽريز کان به وڌيڪ علم، صلاحيتون ۽ وسيلا رکي ٿو. يقينن ڪنهن به باخبر ۽ غور و فڪر ڪرڻ واري ۽ صحيح ۽ غلط ۾ فرق جي پرک رکڻ واري انسان لاءِ هن دعٰوي تي يقيق ڪرڻ ناممڪن آهي. يقين سان، جيڪي به تحريرون جناب اوقتار (هارون يحٰيي) گذريل 30 سالن کان ارتقاء کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ لکيون آهن ماڻهن کي هن نظرئي جي غيرمنطقيت ۽ کوکلي پن کي محسوس ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

جناب اوقتار جو عالمي سطح تي هن نظرئي جي غيرمنطقيت ۽ بيوقوفي کي منظرعام تي آڻڻ جي نتيجي ۾ ارتقاء پسندن “اتفاق” جو لفظ استعمال ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. هو اهو سمجھي رهيا آهن ته ٻيا اهڙا ئي غلط لفظ استعمال ڪري پاڻ کي بيوقوف لڳڻ کان بچائي وٺندا. چاهي هو حادثو، اتفاق، يا بيترتيب واقعن جي ڳالھ ڪن تڏهن به اهي هڪ اهڙي منظرنامي جي باري ۾ ڳالهائي رهيا آهن جنهن ۾ غير شعوري واقعن هن متوازن، سڊول ۽ غير معمولي طور تي خوبصورت زندگي واري دنيا پيدا ڪئي. پر اهي دعوٰي انهن کي وڌيڪ رحم جي قابل ڪري ڇڏين ٿا.

ڊارونزم جا پيروڪار جيڪي زندگي کي ارتقاء جي اصطلاحن ۾ بيان ڪرڻ چاهن ٿا اهو ٻڌائڻ کان به قاصر آهن ته صرف هڪ پروٽين به پنهنجو پاڻ ڪيئن وجود ۾ آيو. اها پهرين ۽ اهم حقيقت آهي جيڪا ڊارونيت پسندن جي دوکي جي باري ۾ ڄاڻڻ لاءِ ضروري آهي. هڪ پروٽين جي به تخليق ٻڌائڻ کان به قاصر ڊارونيت پسند واضح طور سان دوڪيبازين کان ڪم وٺي رهيا آهن. جيڪا به من گھڙت ڪهاڻي اهي زندگي جي شروعات جي باري ۾ ٻڌائن ٿا سڀ هٿرادو آهي. جنهن طريقي سان زنده پنڊ پاهڻن جيڪي سالن کان وٺي بنا تبديل ٿئي رهيا آهن ڊارونيت جي خاتمي کي يقيني بنائي ڇڏيو آهي.

ڊارونزم جا پيروڪار جيڪي زندگي کي ارتقاء جي اصطلاحن ۾ بيان ڪرڻ چاهن ٿا اهو ٻڌائڻ کان به قاصر آهن ته صرف هڪ پروٽين به پنهنجو پاڻ ڪيئن وجود ۾ آيو. اها پهرين ۽ اهم حقيقت آهي جيڪا ڊارونيت پسندن جي دوکي جي باري ۾ ڄاڻڻ لاءِ ضروري آهي. هڪ پروٽين جي به تخليق ٻڌائڻ کان به قاصر ڊارونيت پسند واضح طور سان دوڪيبازين کان ڪم وٺي رهيا آهن. جيڪا به من گھڙت ڪهاڻي اهي زندگي جي شروعات جي باري ۾ ٻڌائن ٿا سڀ هٿرادو آهي. جنهن طريقي سان زنده پنڊ پاهڻن جيڪي سالن کان وٺي بنا تبديل ٿئي رهيا آهن ڊارونيت جي خاتمي کي يقيني بنائي ڇڏيو آهي.

ٻه بنيادي دلائل جيڪي ارتقاء کي ڪچلڻ لاءِ ڪافي آهن.

1_ واحد پروٽين ئي ارتقاء کي پوري طريقي سان ختم ڪري ڇڏيو آهي

ارتقاء کي مڃڻ وارا چاهي ڪيترا به ڪوڙا ۽ فارمولن سان ڀريل ڪتاب لکن، ڪيترا به جالي فاسلس پيدا ڪن، تخليق تي سائنسي ثبوتن کي ڪهڙي به طريقي سان غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ۽ ارتقاء جون ڪوڙيون وضاحتون ڏيڻ وارا پوسٽرس هر جڳھ لڳائن ۽ پوري دنيا ۾ انهن کي ارتقاء جي نمائش طور تي پيش ڪن پر انهن مان ڪجھ به انهن جي شڪست جي حقيقت کي تبديل نه ٿو ڪري سگھي. اهو ان لاءِ ته اهي هڪ به وضاحت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن ته آخر هڪ پروٽين به پنهنجو پاڻ ڪيئن وجود ۾ آيو. زبدگي جي سڀ کان اهم جزي پروٽين جو پنهنجو پاڻ وجود ۾ اچڻ جو امڪان ٻڙي آهي. ان لاءِ ته جنهن حصي ۾ هڪ ٻئي پروٽين کي ٺهڻو آهي اتي اڳ ۾ ئي تقريبن 100 تائين پروٽينس جو تسلسل ۾ موجود هجڻ ضروري آهي. ان شاندار طور تي پيچيدي ڍانچي جون وڌيڪ تفصيلات ڄاڻڻ جي ضرورت ئي ناهي. اها حقيقت ته هڪ پروٽين ٻين پروٽينس جي غير موجوگي ۾ نه ٿو ٺهي سگھي پاڻ ئي ڊارونيت کي تباه ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. پر جيڪا هلچل هڪ پروٽين ارتقاء پرستن لاءِ مچائي آهي اها ان کان ڪافي گھڻي آهي.

ان کان علاوه

  • ڊي اين اي (DNA) پروٽين جي پيدائش لاءِ ضروري آهي
  • ڊي اين اي (DNA) پروٽين کان سواءِ پيدا نه ٿو ٿي سگھي
  • پروٽين ڊي اين اي (DNA) کان سواءِ پيدا نه ٿو ٿي سگھي
  • پروٽين ٻين پروٽينس کان سواءِ پيدا نه ٿو ٿي سگھي
  • پروٽين ٻين پروٽينس مان ڪنهن به هڪ جي غير موجودگي ۾ پيدا نه ٿو ٿي سگھي
  • پروٽين رائبوسومس (ribosome) جي غير موجودگي ۾ پيدا نه ٿو ٿي سگھي
  • پروٽين آر اين اي (RNA) جي غير موجودگي ۾ پيدا نه ٿو ٿي سگھي
  • پروٽين اي ٽي پي (ATP) جي غير موجودگي ۾ پيدا نه ٿو ٿي سگھي
  • پروٽين (mitochondria) جي غير موجودگي ۾ پيدا نه ٿو ٿي سگھي
  • پروٽين سيل نيوڪليس (Cell Nucleus) جي غير موجودگي ۾ پيدا نه ٿو ٿي سگھي
  • پروٽين سائٽو پلازم (Cytoplasm) جي غير موجودگي ۾ پيدا نه ٿو ٿي سگھي
  • پروٽين هڪ به جيوگھرڙي جي عضوي (cell organelle) جي غير موجودگي ۾ پيدا نه ٿو ٿي سگھي
  • ۽ هر جيوگھرڙي جي عضوي جي موجودگي ۽ صحيح طرح ڪم ڪرڻ لاءِ پروٽينس ضروري آهن
  • پر انهن جيوگھرڙي جي عضون کان بغير پروٽينس پيدا نه ٿا ٿي سگھن.

پروٽين جي تخليق لاءِ مڪمل جيوگھرڙو ضروري آهي. مڪمل جيوگھرڙي جي غير موجودگي ۾ پروٽين جي تخليق ناممڪن آهي. اڄ اسان ان جي ڪامل ۽ پچيده ساخت ڏسون ٿا پر ان جو بلڪل ٿورو ئي حصو ڄاڻون ٿا.

ان حقيقتن کي مد نظر رکندي ارتقاء پسندن کي ڪنهن نئين ڪهاڻين سان اچڻو پيو. انهن مان هڪ رچرڊ ڊاڪنس ۽ ڪجھ ٻين ارتقاء پسندن جو “molecule a spontaneously replicating” (ماليڪيول جي پنهنجو پاڻ جهڙو هڪ ٻيو پاليڪيول ٺاهڻ جي قابليت) وارو دعوٰي آهي جيڪو هڪ انتهائي غير يقيني ۽ محظ دوکو ڏيڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. انساني جسم ۾ ڪوئي به ماليڪيول پاڻ جهڙو هڪ ٻيو ماليڪيول ٻئي ڪنهن ماليڪيول جي مدد کان سواءِ نه ٿو ٺاهي سگھي.

جئين ته اسان ڏٺو آهي ته ارتقاء جي نظرئي شروع کان ئي خوفناڪ دهچڪن جو سامنو ڪيو آهي. جنهن طرح سان ارتقاء پسندن جو جيڪي پروٽين جي تخليق جي حقيقت ٻڌائڻ کان به قاصر آهن ماڻهن کي زمين تي زندگي جي موجودگي جي باري ۾ صرف دوکو ڏيڻ ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته ارتقاء صرف ۽ صرف هڪ دوکو آهي.

 

2_ 350 ملين پنڊ پاهڻن (fossils) جي صورت ۾ ارتقاء تباه ٿي چڪو آهي

جڏهن ڳالھ پنڊ پاهڻن جي ايندي آهي ته ارتقاء پرست فريب ۽ دوکيبازي ڪندا آهن. اهي ماڻهن کي لڳاتار جالي ۽ عارضي شڪلن، جيڪي هو پاڻ ٺاهيندا آهن، جي ذريعي ۽ ڪوڙين تصويرن، ماڊلس ۽ تشريحن جي مدد سان دوکو ڏيندا رهندا آهن. هو انهن کي پنهنجو نظريو ڦهلائڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن. پر حقيقت اها آهي ته اڄ تائين ارتقاء کي مڃڻ وارن مان ڪنهن به ڪو پنڊ پاهڻ پنهنجي هٿ ۾ کڻي اهو چوڻ جي همت ناهي ڪئي ته “اسان هن کي ارتقاء جي ثبوت طور آندو آهي.” اهو ان لاءِ ته اهو ممڪن ئي نه آهي. ڪنهن به عبوري شڪل (transitional form) جو ڪو وجود ئي نه آهي.

اها ڊارونيت کي مڃڻ وارن لاءِ ڪيترن ئي سالن کان هڪ ڇرڪائيندڙ ڳالھ رهي آهي ڇو ته ارتقاء پرستن جون اشاعتون هميشه عارضي شڪلن (transitional form) جي باري ۾ ڳالهائينديون آهن. پر حقيقت اها آهي ته ڪو به درمياني شڪل وارو پنڊ پاهڻ ڪڏهن مليو ئي نه آهي. اهو ڊارونزم کي مڃڻ وارن ٺاهيل هڪ ٻيو ڪوڙ آهي. 350 کان به وڌيڪ پنڊ پاهڻ دريافت ڪيا ويا آهن، پر انهن مان هڪ به درمياني شڪل ۾ نه آهي. جيڪو به پنڊ پهڻ ڊارونيت وارن درمياني شڪل جو ٻڌائي ڪري پيش ڪيو آهي اهو هميشه ڪوڙ نڪتو آهي. انهن 350 ملين کان به وڌيڪ پنڊ پاهڻن ۾ ڪي ته لک سالن کان وڌيڪ پراڻا آهن جيڪي اڄ به موجود آهن. ٻين لفظن ۾ اهي زنده پنڊ پاهڻ آهن. اهي اهو ظاهر ڪن ٿا ته زنده شين ۾ ڪا به تبديلي نه ٿي آهي. باقي بچيل پنڊ پاهڻ اهو ظاهر ڪن ٿا ته ڪجھ جاندار اڳ ۾ زنده هئا جيڪي هاڻي نه آهن رهيا. پنڊ پاهڻ اهو ثابت ڪن ٿا ته لکين سال اڳ به انهن جي بناوت ۾ شاندار ۽ وسيع پيچيدگي هئي. هڪ ارتقاء جي رد ۾ جامع ۽ سائنسي ثبوت آهي.

سائنس جي هر شاخ ارتقاء جو رد ڪري ٿي. سائنس جي هر دريافت وڌيڪ مظبوط ثبوتن سان ارتقاء جو رد ڪري ٿي. پر جيئن ته اسان هتي جن ثبوتن، پروٽين ۽ پنڊ پاهڻن جي صورت ۾ ارتقاء جو رد، جي باري ۾ ڳالھ ڪري رهيا آهيون اهي پنهنجو پاڻ ۾ ارتقاء کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن ڪنهن ٻي گواهي جي ضرورت نه آهي. وري به ارتقاء پرستن جي دعوٰون جي جواب ۾ هيٺ ڪجھ مسئلن تي روشني وڌي وئي آهي.

  انسان جي فرضي ارتقاء جي باري ۾ قياس آرائي ڊارونزم جي فراڊ جو اهم حصو آهي.  
   
   
   
   
   
   
   
   
   
   
   
   
   
   

Speculation Regarding the Fictitious Evolution of Man Is a Major Component of Darwinist Fraud

جيئن ته اسان هيٺ تفصيل سان واضح ڪيو آهي ته ارتقاء جي آمريت کي پوري دنيا ۾ غلبو حاصل آهي، ڊارونزم جي سپورٽ ڪندڙ ميڊيا جي ذريعي سالن تائين بندر جھڙي انسان جي دوکي جو استعمال ڪندي رهي. تقريبن دريافت ٿيل هر بندر جي پنڊ پهڻ کي فريب خاطر استعمال ڪيو ويو آهي. پر هر موقعي تي ارتقاء جي ثبوت طور تي پيش ڪيو ويندڙ هر پنڊ پهڻ کي هڪ عام بندر سان تعلق رکندڙ ڏيکاريو ويو آهي ۽ ان طرح ان کي رد ڪيو ويو آهي. اهو ارتقاء پرستن جو ڃاتل سڃاتل دوکو آهي. ان کان علاوه، انسان ۽ ڀولي ۾ هڪ جھيڙائي ڏيکارڻ لاءِ ارتقاء پرست هڪ بندر کي پيش ڪن ٿا، ۽ ان جي مختلف قسم جي روين ۽ صلاحيتن جيئن اوزارن جو استعمال ۽ سکڻ جي صلاحيتن جو هڪ وڏو نمونو پيش ڪن ٿا. انهن لاءِ ان جو مقصد انهن ماڻهن جي دماغن ۾ جن کي ارتقاء جي فريب جي ڪا خبر نه آهي اها ڳالھ ويهارڻ آهي ته انسانن جي وجود جو سبب بندر آهن. اهو هڪ سچ آهي ته انسان ۽ ڀولڙي ۾ ڪجھ خاصيتون هڪ جهيڙيون آهن. پر اهو سچ هن حقيقت کي تبديل نه ٿو ڪري سگھي ته انسان ۽ ڀولو انتهائي مختلف جاندار آهن. الله جي حڪم کان سواءِ، تيستائين جيستائين هو هن دنيا ۾ آهن بندر ڪڏهن به بندر کان سواءِ ٻيو ڪجھ نه ٿا بڻجي سگھن. چاهي انهن جي ڪيتري به تربيت ڪئي وڃي اهي ڪڏهن به انسان نه ٿا بڻجي سگھن. نه ئي وري انسانن واريون خاصيتون جھڙوڪ سوچڻ جي صلاحيت، محسوس ڪرڻ، سمجھڻ، اندازو لڳائڻ، سمجھداري سان رويو رکڻ، فيصلا ڪرڻ ۽ هڪ مهذب ۽ تميز واري انداز ۾ معاشري ۾ چال چلت رکڻ حاصل ڪري سگھن ٿا. چاهي اهي پنهنجون ڪاوشون ڪيترا ئي ڀيرا ورجھائن بندر ڪڏهن به هوائي جهاز ڊزائن ڪرڻ جي قابل نه ٿا ٿي سگھن نه ئي وري اهي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتون، شعر لکڻ ۽ تجربه گاهن ۾ مطالعو ڪرڻ قابل ٿي سگھن ٿا ۽ نه ئي اهي منصوبه بندي ۽ سوچ سمجھ کان بعد ڪا عظيم تهذيب قائم ڪري سگھن ٿا. ان لاء ته بندر هڪ اهڙو جاندار آهي جنهن کي الله مختلف جسماني خصوصيات سان نوازيو آهي جيڪي ان کي خاص بڻاين ٿيون پر سڀ کان اهم ڳالھ اها آهي ته اهو انساني شعور، دماغ ۽ روح کان خالي آهي. اها حقيقت ته ان وٽ ڪجھ خاص خصوصيات آهن هرگز ان ڳالھ جو ثبوت نه آهي اهو انسان جي وجود جو ذريعو آهي.

اهو روح هي آهي جيڪو الله تعالٰي هڪ نعمت طور تي عطا ڪيو آهي جيڪو انسان کي انسان بڻائي ٿو

ان دعٰوائون ڪرڻ وقت ارتقاء پرست انسان ۽ ڀولي ۾ بنيادي فرق ويساري ويهندا آهن. انسان ڳالهائڻ جي قابل آهي، هي چئي سگھي ٿو ته “مان آهيان” اهو پنهنجي وجود کان باخبر آهي ۽ پنهنجي پيدا ٿيڻ جو سبب به ڄاڻي ٿو. هي پنهنجي وجود تي غور و فڪر ڪري سگھي ٿو ۽ فيصلا ڪري سگھي ٿو. انسان وٽ روح آهي. اهو ئي سبب آهي ته انسان ٻين جاندارن کان انتهائي مختلف آهي. روح جي وجود جي برعڪس ٻيا جسماني فرق ۽ مهارت جون خصوصيات انسان ۽ ٻين جاندارن جي وچ ۾ ايترو فرق پيدا نه ٿا ڪري سگھن. چاهي هڪ جاندار انسانن سان ظاهري شڪل ۾ مختلف هجي پر اگر ان کي روح آهي ته اهو انسان آهي. اها ئي واحد شئي آهي جيڪا انسان کي انسان بڻائي ٿي. ڪا به ماديت پسند وضاحت هڪ زنده وجود جيڪو پنهنجي وجود کان واقف آهي ۽ چوي سگھي ٿو ته “مان آهيان” جي وضاحت نه ٿي ڪري سگھي. هي اهو معاملو آهي جنهن جي باري ۾ داورنيت پسند ڳالھ ڪرڻ پسند نه ڪندا آهن. اها انهن لاءِ سخت تڪليف جو باعث بڻجندي آهي ڪڏهن اهي انسان جي ارتقاء جي باري ۾ ڳالهائيندا آهن ۽ ان کي غلط طريقي سان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. (http://darwinistsdilemma.com).

ان لاءِ جيڪي به دعٰوائون ارتقاء پرست انسان جي ارتقاء جي باري ۾ پنهنجين اشاعتن ۾ ڪندا آهن سڀ ڪوڙ آهن. سڀ کان اڳ انهن کي اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته ڪهڙي شئي انسان کي انسان بڻائي ٿي؟ جيڪا شئي انسان ڏسندو ۽ ٻڌندو آهي اها ان تي ڪهڙي طرح اثر ڪندي آهي؟ هي ان جي باري ۾ ڪيئن سوچيندو آهي، منطق استعمال ڪندو آهي، احساسات رکندو آهي جيئن پيار ۽ وفاداري، ۽ روح رکندو آهي جيڪا ان کي پرک ڪرڻ ۽ فيصلا ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي؟ اهي ان معاملي ۾ ڪا به وضاحت ڏيڻ کان قاصر آهن. ۽ اهو ڪرڻ انهن لاءِ ناممڪن آهي. در حقيقت شعور ۽ روح جي ابتداء الله وٽ آهي. روح الله تعالٰي اسان کي هڪ نعمت طور عطا ڪيو آهي ۽ اهڙي طرح انسان کي ٻين مخلوقات کان مختلف ڪري ڇڏيو.

“جنھي جيڪا شيء پيدا ڪئي سا سڀڪا چڱيءَ طرح بڻائي ۽ ماڻھوءَ جي پيدائش کي مٽيءَ مان نئون شروع ڪيائين.  وري سندس اولاد بي قدر پاڻيءَ جي نچوڙي مان بڻايائين.  ” (سورت السجدہ، 7، 8)

 

بي ترتيب ميوٽيشنز زندگي کي ختم ڪنديون آهن ۽ باهمي مطانقت رکڻ وارا اجسام پيدا نه آهن ڪنديون

ارتقاء پسند ان ڳالھ تي اڙيل بيٺا آهن ته جاندار شيون اتفاقي ارتقائي تبديلين يا ميوٽيشنز جي ڪري وجود ۾ آيون آهن ۽ ان انڌين ۽ بيخبر ميوٽيشنز زندگي جي شاندار ۽ مختلف قسم جاندارن کي جيڪي اڄ اسين زمين تي ڏسون ٿا جنم ڏنو.

اهو دعٰوي هڪ سنگين غير منطقيت جي نمائندگي ڪري ٿو.

ميوٽيشنز تابڪاري يا ريڊئيشن يا ڪيميائي اثرات جي نتيجي ۾ جيوگھرڙي جي نيوڪلئس ۾ (جنهن ۾ جنياتي معلومات هوندي آهي) ٿيڻ واري الٽ ڦلٽ، نقصان ۽ بد نظمي جو سبب آهن. 99 فيصد ميوٽيشنز نامياتي جسم کي نقصان پنهنچائينديون آهن ۽ باقي هڪ فيصد ڪو به اثر ڪرڻ ۾ ناڪام هونديون آهن. اهڙي ڪا به ميوٽيشن نه ملي آهي جيڪا نامياتي جسم لاءِ فائديمند هجي. ان کان علاوه

  • ارتقاء پرستن جي دعٰون جي مطابق، ميوٽيشنز کي اهڙيون تبديليون ڪرڻ هونديون جيڪي پوري جسم لاءِ متناسب ۽ هڪ جيتريون فائدي مند هونديون.
  • ارتقاء پرستن جي دعٰون جي مطابق، مثال طور اگر هڪ ڪن ميوٽيشنز جي وجه سان سڄي پاسي پيدا ٿئي ٿو ته بي ترتيب ميوٽيشنز کاٻي پاسي هڪ ٻيو ڪن پيدا ڪن جنهن ۾ سب اهي خصوصيات آهن جيڪي پهرين ڪن ۾ آهن. ۽ ٻنهي ڪنن جو هر حصو بلڪل ساڳيو هجي.
  • ترتيب ميوٽيشنز کي ٻنهي پاسي ڪارونري والوز (coronary valves) پيدا ڪرڻيون هونديون. ارتقاء پرستن جي دعٰون جي مطابق ميوٽيشنز کي سڀ والوز هڪ ئي وقت ۾ ۽ هم آهنگي سان بهترين شڪل ۽ بلڪل صحيح جڳھ تي ٺاهڻا هوندا.
  • نه ته اتي هڪ وڏي گڙٻڙ پيدا ٿي ويندي ۽ ان جو نتيجو عجيب مخلوڪات جو پيدا ٿيڻ هوندو جن جا ڪن هيٺ مٿي، ٽيرا ڏند يا هڪ اک نڪ تي ۽ ٻي مٿي تي تي سگھي ٿي. پر جيئن ته زندگي ۾ اهڙو ڪوئي عدم توازن ڪونهي ارتقاء پرستن جي دعٰون جو اهو مقصد آهي ته ميوٽيشنز کي بلڪل صحيح ۽ هڪجهڙائي رکندڙ شڪلون پيدا ڪرڻ کپنديون.
  • پر اها حقيقت ته 99 فيصد ميوٽيشنز نقصانڪار آهن ۽ 1 فيصد اثر انداز نه ٿينديون آهن ان ڳالھ کي ناممڪم بڻائي چڏي ٿي ته اهي هڪ ئي وقت ۾ بلڪل صحيح ۽ ڪنهن به نقص کان پاڪ عضوا پيدا ڪرڻ جي قابل ٿي وڃن.
  • ميوٽيشنز جو هڪ عام ڊانچي تي اثر ان تي مشين گن سان گوليون هالائڻ وانگر آهي. ظاهر ڳالھ آهي ته هڪ صحتمند شئي تي فائرنگ ان کي برباد ڪري چڏيندي. اها حقيقت ته هڪ گولي ان تي اثر نه ڪيو يا جسم ۾ اڳ ۾ ئي موجود هڪ انفيڪشن کي خارج ڪري ڇڏي ٿي ۽ ان طريقي سان ان کان ڇٽڪارو ڏياري ڇڏي ٿي ڪا اهميت نه ٿي رکي ڇو ته ان کي ناقي 99 گوليون تباه ڪن ٿيون.


سائنس ارتقاء پسند ۽ الحاد پسند جي مخالف آهي

ارتقاء هن سائنسي فراڊ آهي. ڪيترن سالن کان ارتقاء پرست سائند جي نالي تي ماڻهن کي دوکا ڏيندا رهيا آهن. سائنس ارتقاء جي نظرئي جي دشمن آهي، سائنس ارتقاء جي نظرئي جي مخالف آهي، سائنس اشتراڪيت ۽ مارڪسزم جي مخالف آهي. سائنس ملحد، مارڪسزم ۽ ارتقاء جي سوچ کي رد ڪري ٿي. اها سائنس ئي آهي جنهن ارتقاء جي نظرئي جي دوکي ۽ فريب کي ريزا ريزا ڪيو آهي. اها سائنس ئي آهي جنهن ارتقاء جي نظرئي جي تبليغ کي سڀ کان وڏو جهٽڪو ڏنو آهي. سائنس ارتقاء جي نظرئي کي جنهن کي سالن تائين ماڻهن جي سامهون پيش ڪيو ويو رد ڪري ڇڏيو آهي. سائنس ملحد فلسفي جي بنياد کي هلائي ڇڏيو آهي. سائنس ارتقاء جي نظرئي کي نيست و نابود ڪري ڇڏيندي آهي جڏهن به اهو حاليه مسئلو بڻجي ويندو آهي يا پنهنجو پاڻ کي منظر عام تي آڻيندو آهي. ان ڪري، سائنس ئي ارتقاء پرستن جي سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻجندي آهي.

اها سائنس ئي آهي جنهن اهو ثابت ڪيو ته پروٽين پنهنجو پاڻ وجود ۾ نه ٿو اچي سگھي.

اها سائنس ئي آهي جنهن جيو گھرڙي جي غير معامولي دنيا کي ظاهر ڪيو ۽ اهو ٻڌايو ته اهو پنهنجو پاڻ وجود ۾ نه ٿو اچي سگھي.

اها سائنس ئي آهي جنهن ان حقيقت کي سامهون آندو ته 350 ملين پنڊ پهڻ ڪڏهن به ايوالو نه ٿيا هئا.

اها سائنس ئي آهي جنهن زنده اجسام ۾ موجود پيچيدگين کي منظر عام تي آندو ۽ اهو ثابت ڪيو ته اهي ڪڏهن به ارتقاء جي ذريعي وجود ۾ نه ٿا اچي سگھن.

اها سائنس ئي آهي جنهن اهو هر طريقي سان ثابت ڪيو آهي ته هڪ جاندار مان ٻئي ۾ تبديل ٿيڻ ناممڪن آهي.

اها سائنس ئي آهي جنهن ڪيمبرين دور (Cambrian period) جي شاندار پنڊ پهڻن کي ظاهر ڪيو آهي. ان ڪري پاڻ سائنس ئي ارتقاء کي رد ڪرڻ جا ثبوت پيش ڪيا آهن ۽ پيش ڪندي رهندي. سائنس جي سامهون ارتقاء پرستن جا سڀ دعٰوي دم ٽوري ڇڏيندا آهن. سائنس هڪ شاندار نتيجو ڏئي ٿي جيڪو ڊارونيت پسندن کي بلڪل رد ڪري ڇڏي ٿو جيڪي پنهنجي ڪوڙ کي سائنس جي ذريعي لڪائڻ چاهين ٿا. سائنس نه صرف دين جي خدمت ڪري ٿي پر اها الله جي موجودگي به ثابت ڪري ٿي. سائنس انهن لاءِ آهي جيڪي الله ۾ ايمان رکن ٿا. سائنس ايمان وارن جي استعال لاءِ آهي. اها حقيقت ايڪويهين صدي ۾ ارتقاء جي مڃڻ وارن لاءِ مٿي جو سور بڻجي وئي آهي.

“الله مڇر ۽ اُن کان وڌيڪ جي مثال ڏيڻ کان حياء ئي نه ڪندوآھي، پوءِ جن ايمان آندو آھي سي (پڪ) ڄاڻندا آھن ته اُھو سندن پالڻھار وٽان (آيل) سچ آھي، ۽ جن انڪار ڪيو سي چوندا آھن ته ھن مثال ڏيڻ ۾ الله جو ڇا مطلب آھي؟ (الله) ان مثال (ڏيڻ) سببان گھڻن کي ڀلائيندو آھي ۽ ان سببان گھڻن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي، اُن سان اھڙن بي دينن کانسواءِ (ٻي ڪنھين کي) نه ڀلائيندو آھي.  ” (سورت البقره،26 )

“اي ماڻھؤ ھڪ مثال بيان ڪجي ٿو اُھو اوھين ٻڌو، بيشڪ الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھيو سي ڪا مَک پيدا نه ڪندا آھن توڻيڪ اُن (جي بڻائڻ) لاءِ گھڻا گڏ ٿين، ۽ جيڪڏھن مَک کانئن ڪا شيء وٺي ته اُھا کانئس ڇڏائي نه سگھندا، طالب ۽ مطلوب (پوڄارا ۽ بت ٻئي) ھيڻا آھن. ” (سورت الحج، 73 )

ڊارونزم دنيا تي غلبو ڪيئن حاصل ڪيو

ڊارون جو نظريو پوري طرح هڪ دوکو آهي جنهن جي بنياد ڪوڙ آهي. هڪ اهڙو ڪوڙ جيڪو چوي ٿو ته سموري حياتي فقط هڪ اتفاق جي ڪري وجود ۾ آئي. پر مڪمل طور تي غير معقول هجڻ جي باوجود ان فريب پوري دنيا جي ملڪن، انهن جي حڪومتن، اسڪولن، يونيورسٽيز، سائنسي حلقن، آفيسن، اخبارن، ريڊيو اسٽيشنز ۽ ٽي وي چينلز تي غلبو حاصل ڪري ڇڏيو آهي. هي ڊارون پرستن جي آمريت (Darwinist dictatorship) هوشيار ۽ شيطاني نظام آهي جنهن ارتقاء جي دوکي کي پوري دنيا ۾ غلبو حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي ڪيو. هي شاتر آمريت، جيڪا گذريل 150 سالن کان وٺي ڪم ڪري رهي آهي، هاڻي موت جو سور چکي رهي آهي. پر ان جو اثر اڃا باقي آهي.


مائيڪل ريس (Michael Reiss)، برطانوي رائل اڪيڊمي تعليم جا ڊاريڪٽر، کي جلدي ئي پنهنجي آفس مان نيڪالي ڏني وئي ڇو ته انهن “تخليق” کي اسڪولي نصاب ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي.

ڊاڪٽر گيوريل اويٽل (Gavriel Avital) جيڪي تعليم ۽ سائنس جي ڊپارٽمينٽ جا چيف آهن ارتقاء جي خلاف تحريري ۽ زباني بيانات جي ڪري انهن کي پنهنجي آفس سان ڪڍيو ويو.

هن آمريت جي بادشاهي جو بنياد جبر، ظلم ۽ ڌمڪيون آهن. ڪنهن به ارتقاء جي مخالف پروفيسر لاءِ دنيا جي ڪهڙي به يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ ناممڪن آهي. ڪوئي به وزير اعظم ڊارونزم جي مخالفت جو اعلان نه ٿو ڪري سگھي. ڪوئي به استاد پنهنجي شاگردن کي اهو نه ٿو پڙهائي سگھي ته ارتقاء جي نظريو غلط آهي ۽ شاگرد پنهنجي استاد کي اهو نه ٿا چئي سگھن ته هو ارتقاء ۾ يقين نه ٿا رکن .جيڪڏهن ڪو به استاد يا پروفيسر ايئن ڪري ٿو ته ان کي جلدي ئي پنهنجي پوسٽ تا هٽايو ويندو. شاگرد پنهنجو اهو سبجڪٽ فيل ڪري ڇڏيندو. ارتقاء جي مخالف وزير لاءِ حڪومت ۾ رهڻ ناممڪن آهي. در حقيقت، پوري دنيا جي اسڪولن ۾ ارتقاء سان گڏ تخليق جي حقيقت پڙهائڻ جون سڀ ڪوششون ناڪام ويون آهن.

مشهور پريس تنظيمن کي ڪوڙي پنڊ پهڻن جون رپورٽون اهڙي طريقي سان ظاهر ڪرڻيون پونديون آهن ڄڻ ته اهي ارتقاء جو ثبوت هجن. انهن کي ان دوکي ۾ حصو وٺڻو پوندو آهي نه ته انهن جا اشاعت جا حقوق ختم ڪيا ويندا. ان سائنسدان ۽ پروفيسر لاءَ ڪا ٻي پوسٽ ڳولهڻ مشڪل ٿي ويندو جنهن جي پيشيوارنا زندگي تخليق جي تائيد ڪرڻ جي ڪري ختم ڪئي وئي آهي. اهو به ممڪن آهي ته اهوپنهنجن مائٽن ۽ دوستن کان به دور ڪيو وڃي. ۽ يقينن ان لاءِ سائنسي حلقن ۾ به ٻيهر جڳھ ٺاهڻ ڏاڍو مشڪل ٿي ويندو.

ٻيا پروفيسر جن کي تخليق جي حقيقت جو چرچو ڪرڻ جي ڪري دفتر مان هٽايو ويو
   
 

ظلم، جبر ۽ آمريت وارو طريقو استعمال ڪيو ويندو آهي. ارتقاء وارن جي آمريت جي ڌمڪين ۽ سياسي دٻاءُ جي ڪري ماڻهون کلي عام ڊارونيت جي مخالفت جو اظهار ڪرڻ جي قابل نه رهيا آهن ويتر انهن کي ان جي وڌاءُ لاءِ حصو وٺڻو پوندو آهي. ارتقاء کي بچائڻ لاءِ هر رستو اپنايو ويو آهي. نه ته هن انڌي عقيدي جي حامين وٽ ان کي بچائڻ لاءِ ڪو به رستو نه بچي هان.ڪوڙ کي بلبد آواز ۾ چيو ويندو آهي، ۽ ان ڪوڙ کي ڪوڙ چوڻ کي غلطي قرار ڏنو ويندو آهي. اهو عقيدو جنهن کي ابتدا ۾ سائنسي نظريو هجڻ جو دعٰوي ڪيو ويو هيو هڪ انڌي ۽ ڪوڙي عقيدي ۾ تبديل ٿي چڪو آهي جنهن جو سائنس سان ڪوئي به تعلق نه آهي. اهو هڪ اهڙو يقين آهي جنهن کي باضابطه طور ۽ کلي عام مسترد ٿيڻ کان روڪيو ٿو وڃي حيرت ان ڳالھ جي آهي ته اهو سڀ بنا ڪنهن پشيماني جي وحشاڻا طور تي ڪيو پيو وڃي.

ارتقاء جو نظريو جنهن پوري دنيا تي آفتون مسلط ڪيون آهن سائنس جي ترقي کي به روڪي ٿو

اڄ لکين ڊالر ارتقاء جي حمايت ۾ ٿيڻ واري مطالعي تي خرچ ڪيا وڃن ٿا. ارتقاء جي مطالعي جو مطلب آ هڪ نئين فريب جي ڪوشش ۽ ان کي ميڊيا جي ذريعي دنيا ۾ ڦهلائڻ جون تياريون. اهو پيسو جيڪو سائنس جي ترقي، طبي مقصدن، ڪينسر جي علاج جيئن الزائمر جي بيماري جي خاتمي لاءِ استعمال ٿي سگھي پيو يا وري آفريقا ۾ بک وگھي مرڻ وارن لکين ماڻهن کي بچائي سگھجي پيو. پر ان پيسي کي معصوم انسانن کان دور ڪري هڪ فريب ۾ لڳايو پيو وڃي.

ارتقاء، جيڪو 150 سالن ۾ سڀ کان وڏو فريب آهي، پوري دنيا ۾ ڦهلايو ويو آهي ۽ ڊارونيت آمريت جو استعمال ڪري ماڻهن تي ان جو اثر ڇڏيو ويو آهي. جيئن ته اسان ڏٺو آهي ته ڊارونيت کي پوري دنيا ۾ حمايت حاصل آهي ان لاءِ نه ته اهو هڪ سائنسي نظريو آهي پر ان لاءِ ته ان کي مڃڻ لاءِ ماڻهن تي زور ڀريو ويو آهي. ماڻهن کي ان ڳالھ مان دوکو نه کائڻ گھرجي ته اڪثر ماڻهون ان کي صحيح مڃيندا آهن ڇو ته انهن کي اها خبر نه آهي ته اهو تاريخ جو سڀ کان وڏو فريب آهي جڏهن ته ٻيا ان کي پنهنجيون نوڪريون بچائڻ خاطر حمايت ڪندا آهن. هن آمريت جي عالمي تسلط ۽ ان جي سڙيل بنيادن کي هڪ هڪ ڪري مٽايو پيو وڃي. الله تعالٰي جي حڪم سان هاڻي ارتقاء جي نظرئي جو خاتمو صرف وقت جي ڳالھ آهي ۽ اهو وقت پري نه آهي. ارتقاء، جيڪو 150 سالن ۾ سڀ کان وڏو فريب آهي، پوري دنيا ۾ ڦهلايو ويو آهي ۽ ڊارونيت آمريت جو استعمال ڪري ماڻهن تي ان جو اثر ڇڏيو ويو آهي. جيئن ته اسان ڏٺو آهي ته ڊارونيت کي پوري دنيا ۾ حمايت حاصل آهي ان لاءِ نه ته اهو هڪ سائنسي نظريو آهي پر ان لاءِ ته ان کي مڃڻ لاءِ ماڻهن تي زور ڀريو ويو آهي. ماڻهن کي ان ڳالھ مان دوکو نه کائڻ گھرجي ته اڪثر ماڻهون ان کي صحيح مڃيندا آهن ڇو ته انهن کي اها خبر نه آهي ته اهو تاريخ جو سڀ کان وڏو فريب آهي جڏهن ته ٻيا ان کي پنهنجيون نوڪريون بچائڻ خاطر حمايت ڪندا آهن. هن آمريت جي عالمي تسلط ۽ ان جي سڙيل بنيادن کي هڪ هڪ ڪري مٽايو پيو وڃي. الله تعالٰي جي حڪم سان هاڻي ارتقاء جي نظرئي جو خاتمو صرف وقت جي ڳالھ آهي ۽ اهو وقت پري نه آهي.

تخليق جو نقشو (Atlas of creation) ۽ ارتقاء پسند جن پنهنجي عقيدي تان يقين وڃائي ڇڏيو

جيڪڏهن ڪمري ۾ بند هڪ شخص کي اهو چيو وڃي ته ٻاهر اوندھ آهي ته 50 فيصد ممڪن آهي ته اهو يقين ڪندو، پر جيڪڏهن ان هڪ سوراخ مان اهو ڏسي ڇڏيو ته ٻاهر سج نڪتل آهي ته ان کي اهو يقين ڏيارڻ لاءِ ته ٻاهر اوندھ آهي ڪوئي طريقو نه بچندو.



اين برازر (Anne Brasseur)، لڪسيمبرگ جا سياستدان، اسٽراسبرگ ۾ موجود يورپي ڪميشن کي هڪ رپورٽ جمع ڪرائي ۽ ٽخليق جو نقشو (Atlas of Creation) ڪتاب کيو ۽ موجود صحافين کي چيو

“هارون يحيٰي هڪ مسلمان ۽ ترڪ تخليق ڪار آهي. هي ان جو پهريون جلد آهي. ٻه ٻيا به آهن. ان کي يورپ موڪليو ويو آهي انگريزي ۽ فرانسي ٻولين ۾. اهو چوي ٿو ته ارتقاء هڪ فريب آهي ۽ ڊارونيت دهشت گردي جو بنيادي سبب آهي ۽ اهو ته ويهين صدي ۾ آمرن جي اچڻ جو به ذميدار آهي ۽ ان طرح گھڻو ڪجھ.”

ارتقاء پرست به ان قسم جي مشڪلات جو شڪار آهن. 150 سالن کان انهن بي شرمي سان پنهنجي هر فريب کي سائنس جي نالي تي دنيا ۾ ڦهلايو آهي. انهن اهو سڀ ڪجھ ڪرڻ ۾ ڪو به شرم محسوس نه ڪيو ڇو ته انهن پاڻ کي اهو يقين ڏياريو ته هو ماڻهن کي پنهنجن ڪوڙن ثبوتن سان دوکو ڏئي سگھن ٿا. ان ڪوڙ کي تلقين، بصري اثرن (visual effects) ۽ تنويم جي ذريعي بار بار ورجايو ويو آهي ۽ ان طرح ان حيران ڪن حد تائين حمايت حاصل ڪري ڇڏي آهي. پر جڏهن هر شئي ارتقاء پرستن جي منصوبي مطابق ٿي رهي هئي، ۽ جڏهن ماڻهون ڪجھ سوچڻ ۽ سمجھڻ جي قابل نه رهيا، ۽ ارتقاء کي رد ڪرڻ هڪ جرم سمجھڻ لڳو اچتو ماڻهن هڪ سج جو ڪرڻو ڏٺو، اهو هيو تخليق جو نقشو (Atlas of creation).

تخليق جو نقشو (Atlas of creation) ڪتاب جي اچتو عالمي شهرت جي ڪري هاڻي ماڻهن کي ارتقاء تي قائل ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ٿي ويو آهي. ڪو به هڪ ارتقاء پرست تخليق جو نقشو (Atlas of creation) ڪتاب ۾ ڏنل هزارين پنڊ پهڻن کي رد نه آهي ڪري سگھيو. هڪ اعلٰي ڪتاب ۾ ڪو هڪ به پنڊ پهڻ ارتقاء کي ڪچلڻ لاءِ ڪافي آهي. ان لاءِ فرانس جي ميڊيا، جيڪا ڊارونزم جي ڳڙه مان هڪ آهي، تخليق جي نقشي (Atlas of creation) جي ڪري ڪافي خوفزده ٿي وئي. ۽ مختلف ڳالهيون ٺاهڻ لڳي، “فرانس جي تاريخ ۾ بد ترين آفت”، “آسمان مان مصيبت اچي چڪي آ”، “اسان جي سالن پراني تهذيب تباه ٿي وئي”.

ڊارونسٽ يورپي پارليامينٽ (Darwinist European Parliament) هن ڪتاب کي ارتقاء جي تعليم ڏيڻ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ قرار ڏنو ۽ گهٻرائجي ڪري هن اهو معاملو اٿاريو، سوين ارتقاء جون پريس تنظيمون هن ڪتاب جي شاندار عالمي اثرن کي قبول ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي ويون.


تخليق جو نقشو (Atlas of creation) سڀني مسلمانن کي مظبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو


جناب اوقتار جو هن ڪتاب جي ذريعي هن حقيقتن جو عالمي سطح تائين چرچو ڪرڻ ته هڪ به پروٽين پنهنجو پاڻ وجود ۾ نه ٿو اچي سگھي ۽ لکين زندگي جون شڪلون ڪڏهن تبديل ٿي هي نه آهن ارتقاء کي ختم ڪرڻ ۾ اڄ تائين سڀ کان وڌيڪ اثر انداز ثابت ٿيو آهي. ان بيحد ڪاميابي جي ڪري مسلمان. يهودي ۽ عيسائي آزادي سان ڪم ڪرڻ جي قابل ٿي ويا آهن ۽ انهن کي خود اعتمادي حاصل ٿي آهي. ڪجھ سچا ايمان وارا، جيڪي پهرين ڊارونيت جي ڪري ٿڪيل ۽ هارايل هئا ۽ ڪنهن به سر گرمي ۾ حصو وٺڻ جي قابل نه هئا، هڪ ڏاڍي اهميت واري ڪارنامي جي ڪري مظبوط ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. جناب اوقتار جي قابل قدر ۽ پر عزم سرگرمين کان پوءِ اهو ممڪن ٿي ويو آهي ته ماڻهون اهڙيون ڪانفرنسون منعقد ڪرائن جنهن جو مقصد ارتقاء جون دوکي بازيون سامهون آڻڻ آهي. ۽ ماڻهن کي الله جي وحدانيت تي ايمان آڻڻ لاءِ آمريڪي فوجي اڏن تان به دعوت ڏيڻ ۽ لنڊن جي گھٽين ۾ گھمندڙ بسن تي “الله موجود آهي” جهڙيون تحريرون لکڻ ممڪن ٿي ويو آهي.

انهن تمام اهم سرگرمين جي تناظري ۾ تخليق تي ڪافرنسون ڪينيڊا، آمريڪا، سوئيزرلينڊ، بيلجيم، جرمني، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ، فرانس، ڊينمارڪ، سويڊن، انڊونيشيا ۽ ملائشيا، سينگاپور، دبئي ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ منعقد ڪيون ويون جن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. جيڏهن ته پوري دنيا مان ٽي وي اسٽيشنز ۽ اخبارن انهن عظيم ڪاميابين جو حوالو ڏنو آهي.

ان شاندار ڪاميابي کان جلدي پوءِ ڪجھ ڊاروينت تي ايمان رکڻ وارن (Darwinists) هن انڌي مذهب مان يقين لاهي ڇڏيو. انهن ۾ ان فريب کي جنهن جي انهن سالن تائين پرچار ڪئي بچائڻ لاءِ وڌيڪ طاقت نه بچي نه ئي اهي وري ڪو نئون ڪوڙ کڻي اچي پيا سگھن. ڊارونيت جا رسالا هڪ بعد ٻيو بند ٿيندا پيا وڃن، مالي سببن جي ڪري نه پر ان جي ڪري ته انهن هن عقيدي تان يقين وڃائي ڇڏيو آهي ۽ اهي ڇپائي بند ڪري رهيا آهن. دنيا ۾ مشهور ڊارونيت جي حمايت ڪرڻ وارين پبليڪيشنز جيڪي پنهنجي فريب سان هر هفتي پنهنجو پورو ميگزين ڀرينديون هيون هاڻي اهي هڪ به پورو ڪرڻ کان قاصر آهن. Darwinist propaganda، ڊارونزم جي طاقت جو واحد ذريعو، خاموشي سان ختم ٿي وئي آهي. ارتقاء پرست جيڪي سڀني پروپيگينڊا جي طريقن سان ارتقاء کي ڦهلائڻ ۾ لڳا پيا هوندا هئا اوچتي چپ ٿي ويا آهن ڇو ته اهي وڌيڪ بد نام نه ٿا ٿيڻ چاهن.

لنڊن جي بسن تي ٽخليق جو نقشو کي فروغ ڏيڻ وارا پوسٽر >>>

تخليق جي حقيقت تي ڪافرنسز جيڪي هارون يحيٰي جي تحريرن تي مشتمل آهن دنيا جي وڏن ملڪن ۾ پنهنجو اثر ڏيکاريو آهي
سوئيزرلينڊ + لئاسائن >>> جرمني _ ليونن >>>
جرمني _ ليونن >>> فرانس _ پئرس >>>
جناب عدنان اوقتار کي سين انٽونيو ايئر بيس آمريڪا ۾ ڪانفرنس منقعد ڪرڻ بعد ملڻ وارو ميڊل

ڊارونيت جي لعنت کان آزادي جي لاءِ دروازا همشه کليل آهن

سڀ مصنوئي مذهب هن آخري وقت ۾، جنهن ۾ اسين رهي رهيا آهيون ۽ جنهن ۾ حضرت مهدي ۽ حضرت عيسٰي ظاهر ٿيندا، هڪ خوفناڪ ۽ وڏي تباهي جو شڪار آهن. هن تباهي کي ڪير به نٿو روڪي سگھي. هي الله جو قانون آهي. الله هن وقت ڊارونيت جي خلاف جناب اوقتار جي ڪمن کي استعمال ڪري رهيو آهي. اهي سڀ ماڻهون جيڪي ارتقاء کي اکيون بند ڪري مڃيندا آهن جلدي ئي اهو ڄاڻي اچرج ۾ پئجي ويندا ته انهن کي دوکو ڏنو ويو هئو. جڏهن ته ارتقاء پرست پاڻ کي غلط جڳھ تي ڏسي افسوس ڪندا. دير ڪڏهن به نه ٿيندي آهي، پر شڪست قبول ڪري سچائي طرف اچڻ ۽ ان جو چرچو ڪرڻ هڪ عظيم انسان جي وصف آهي. ان ڪري، ارتقاء پرست جن کي ڊارونيت جي حقيقت جي خبر پئجي چڪي آهي انهن وٽ موقعو آهي ته اهي هن خوفناڪ غلطي کي درست ڪن جن لاءِ انهن پنهنجيون حياتيون پقف ڪري رکيون آهن.